تاجو ليکي

تاجو ليکي: ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌ جي اقتدار وارين لڙائين جو اهم ڪردار راڄي ليکيءَ جو پٽ تاجو ليکي هو. جڏهن ميان سرفراز خان ڪلهوڙي کي تخت تان لاهي قيد ۾ وڌو ويو ته سندس ڀاءُ ميان محمود خان حاڪم ٿيو ۽ راڄو ليکي حڪومت جي سڀني انتظامي معاملن جو مختيار بڻيو. خزانو سندس حوالي هو. هن تاجي ليکيءَ کي محمود خان جو ”مدارالمھام“ بنايو. جڏهن مير بجار خان واپس سنڌ موٽي آيو، تڏهن راڄو ليکي گذاري ويو ۽ سندس پٽ تاجو پيءُ جو جانشين بڻيو ۽ سمورا اختيار سنڀاليا. تاجو سنڌ ۾ ميرن جو وڏو دشمن ليکيو ويندو هو. جڏهن مير بجار خان پنھنجي لشڪر سان اڳتي وڌيو، تڏهن تاجو ليکي الھه بخش جهنجهڻ، محراب جتوئي، پيروز پتافي ۽ ٻين ساٿين کي گڏ ڪري مقابلي جي تياري ڪئي. ان ڏس ۾ هنن مير بجار کي هڪ خط به لکيو هو. جڏهن مير بجار خان عمرڪوٽ ۾ وڃي رهيو، تڏهن تاجي ليکيءَ سندس پيڇو ڪيو ۽ ميان غلام نبي ۽ الھه بخش جهنجهڻ سان گڏ 30 هزار سپاهي وٺي وڃي عمرڪوٽ پھتو. جيئن ته عمرڪوٽ جي وسيع، شاندار ۽ مضبوط قلعي اڳيان ٽيھه هزار فوج ڪا اهميت نه پئي رکي، ان ڪري تاجي ليکيءَ، الھه بخش جهنجهڻ کي مير بجار خان ڏانھن موڪليو. جنھن فريب سان کانئس قلعو خالي ڪرائي، پنھنجي فوج قلعي اندر ويھاري. آخر مير بجار خان تنگ ٿي، تاجي کي جنگ ڪرڻ لاءِ خط لکيو. تاجي ان پيغام ملڻ کانپوءِ ميان غلام نبيءَ کي جنگ لاءِ زور ڀريو. مجبوراً ميان غلام نبيءَ کي تاجي جي راءِ مڃڻي پئي ۽ ان ريت ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ ”لانياريءَ“ واري جنگ لڳي. هن جنگ ۾ ميان غلام نبيءَ قتل ٿي ويو ۽ تاجو ليکيءَ جنگ مان ڀڄي ويو. مير بجار خان ميان غلام نبيءَ جو لاش حيدرآباد ڏياري موڪليو. جيتوڻيڪ هن جنگ ۾ ڪلهوڙن جي هار ۽ ٽالپرن جي فتح ٿي، ان هوندي به ڪلهوڙن طرفان تاجو، ٽالپرن کي وقت بوقت نقصان پھچائڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو. ميان غلام نبي جي قتل بعد سندس ڀاءُ ميان عبدالنبي حڪمران ٿيو. ميان عبدالنبيءَ جي دور ۾ تاجو ليکي، پنھنجن ڀائرن، پٽن ۽ ساٿين سان گڏ قيد ٿيو. ميان عبدالنبيءَ سندس قتل جو حڪم جاري ڪيو. ان موقعي تي مير بجار سفارش ڪري، سندس حياتي بچائي. هڪ روايت موجب تاجي ليکيءَ کي معافي ته ملي، پر ٽالپرن خلاف سندس دل مان دغا نه وئي. ڪجهه عرصي بعد تاجي ليکيءَ جي سازشن سبب ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ ”هالاڻيءَ“ وٽ ميان عبدالنبي ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جي وچ ۾ جنگ لڳي. جنھن ۾ ڪلهوڙن کي شڪست آئي ۽ ٽالپر سنڌ جا حاڪم بڻيا. تاجو ۽ سندس ڀاءُ 1196هه/ 1782ع ۾ ”هالاڻيءَ“ واري جنگ ۾ مارجي ويا. سندس مقبرا گنجي ٽڪر حيدرآباد ۾ موجود آهن. • تاجو ليکيءَ جو مقبرو: ڪلهوڙا دور جو هي مقبرو حيدرآباد جي هوائي اڏي ڀرسان گنجي ٽڪر تي واقع آهي. جنھن تائين هن وقت رسائي مشڪل آهي. هن مقبري جي مھاڙي به عام روايت موجب ٽه-کُڻي آهي. سڄي مھاڙي سادي آهي. دروازو هڪ اونهي ونگ ۾ آهي. وچون کُڻ پاسي وارن کان کڙو آهي. پاسن ۾ سواءِ ٻن ٻن سادن تاڪن جي هڪ ٻئي جي مٿان ٺھيل آهن، ٻيو ڪو به سينگاريندڙ عنصر نه آهي. پاسي وارن کڻن ۾ تراکڙي ونگ حاشي جي سطح کان مٿي آهي. ٻيڙ ٻني جي ڪنڊن تي سادا پر سگهارا بونب آهن. ممڪن آهي ته انھن تي ڪنھن سمي برجيون ٺھيل هجن. مقبري کي ٻاهران ٻه حاشا آهن. پھرين جي سطح تي دروازو ۽ ٻئي يعني مٿئين جي سطح تي طاقچه آهن. ڇت گنبذ سان آهي، جنھن جو ڳچ اٺ ڪنڊو ۽ گنبذ سادو آهي. گنبذ جي چوٽيءَ تي ڪلغي آهي، جا اونڌي ڪنول جھڙي صورت جي آهي. سڄو مقبرو چوني جي پلستر سان لتل آهي.


لفظ تاجو ليکيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو